عمران خان شوبز انڊسٽري ڇڏڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جو خوبصورت اداڪار عمران خان جيڪو مشهور اداڪار عامر خان جو ڀاٽيو آهي، انڪشاف ڪيو ته فلم انڊسٽري ڇڏڻ جو ڪارڻ سندس آخري فلم ”ڪٽي بٽي“ هئي.

ڀارتي رپورٽس موجب اداڪار عمران خان هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته سندس آخري فلم ڪٽي بٽي جي فلاپ ٿيڻ کانپوءِ سندس دل ٽٽي پئي جنهن سبب هو شوبز انڊسٽري کان ڌار ٿي ويو. هن چيو ته هو ڏاڍو پرجوش هو ۽ کيس وهم گمان ۾ به نه هو ته اها آخري فلم ثابت ٿيندي.

واضح رهي ته عمران خان جي سپر هٽ فلمن ڻ جاني تو يا جاني نا، دهلي بيلي، آءِ هيٽ لو اسٽوري ۽ ميري برادر ڪي دلهن شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.