ّخوشخبري، ملڪ ۾ پُر ڪشش پگهارن تي ڀرتين لاءِ رستو کُلي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا اهم مقررين ۾ 65 سالن تائين عمر جي حد ختم ڪري ڇڏي جنهن سبب ماهوار 20 لک رپين تائين پگهار تي نين مقررين لاءِ رستو کلي ويو آهي.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا مقررين ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور واري پاليسي ۾ ترميم ڪندي اهم مقررين ۾ 65 سال تائين عمر جي حد ختم ڪري ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ترميم لاءِ وفاقي ڪابينا کان سرڪيوليشن ذريعي سمريءَ جي منظوري ورتي وئي، ڪابينا اسپيشل پروفيشنل پي اسڪيلز پاليسي 2019ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته مقررين لاءِ 65 سالن واري شرط ختم ڪئي وئي آهي، اسپيشل پروفيشنل پي اسڪلز تحت مقررين ۾ ڪا عمر جي حد نه هوندي، هاڻي 65 سالن کانپوءِ مقرري ۽ هاڻوڪي مقررين ۾ 65 سالن کان بعد مدي ۾ واڌ ٿي سگهندي.
ذريعن چيو آهي ته وزير اعظم شهباز شريف ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي هئي، ڪميٽي ۾ عمر جي حد ۾ ترميمون ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.