ڀارتي عام چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ ووٽ جو وقت ختم، ٽرن آئوٽ 59.71 سيڪڙو رهيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ عام چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ ووٽنگ جو وقت ختم ٿي ويو.
ڀارت ۾ عام چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ ووٽنگ جي شروعات صبح 7 وڳي ٿي، پهرئين مرحلي ۾ 21 رياستن جي 102 سيٽن تي ووٽ وڌا ويا، 1600 کان وڌيڪ اميدوار ميدان ۾ هئا، جڏهن ته 16 ڪروڙ 63 لک کان وڌيڪ ووٽر رجسٽرڊ هئا.
21 رياستن ۾ لوڪ سڀا جي 102 سيٽن تي مجموعي ووٽر ٽرن آئوٽ 59.71 سيڪڙو رهيو.
ڀارت ۾ چونڊون 7 مرحلن ۾ پهرين جون تائين جاري رهنديون ۽ نتيجن جو اعلان 4 جون تي ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.