بسما معروف جو شادي ۽ ڌيءُ جي پيدائش بعد ميدان ۾ واپسي جو سفر ڪيئن رهيو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومينز ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بسما معروف چيو آهي ته شادي ۽ وري ماءُ بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ والدين تمام گهڻو سپورٽ ڪيو جنهن سبب ميدان ۾ ڪامياب واپسي ممڪن بڻي.
وومين ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بسما معروف اڄڪلهه ويسٽ انڊيز وومين ٽيم خلاف سيريز کيڏي رهي آهي ان دوران هوءَ پنهنجي نياڻي فاطمه جي سار سنڀال ڪري رهي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ بسما معروف ٻڌايو ته شادي ۽ ماءُ بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ والدين ڏاڍو سپورٽ ڪيو.
هن چيو ته والدين جي سپورٽ سبب ميدان ۾ واپسي ممڪن بڻي، ڪامن ويلٿ گيمز 2022ع ۾ ڌيءَ فاطمه ۽ منهنجي ماءُ جو ايڪريڊيشن نه ٿيو هو، جنهن کانپوءِ مون جڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان موڪل جي ڳالهه ڪئي ته اختيارين ٻڌايو ته پي سي بي پيرنٽل سپورٽ پاليسي ٺاهي ڇڏي آهي.
بسما معروف ٻڌايو ته پاليسي ٺهڻ کانپوءِ لڳو ته هاڻي مون کي واپسي ڪرڻ گهرجي، پي سي بي اتنظاميا طرفان سپورٽ ملڻ مان سندن ٿورائتي آهيان.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن هوءَ پاڪستان جي ڪپتان بڻي ته والدين ڀرپور ساٿ ڏنو، والدين سمجهايو ته شادي ۽ ٻار جي پيدائش کانپوءِ به کيڏي سگهان ٿي، پاڪستان ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي سگهان ٿي، والدين جي سپورٽ سبب ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪئي ۽ کيڏي رهي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.