ڪراچي ۾ پرڏيهين جي گاڏي تي آپگهاتي حملو، سڪيورٽي اهلڪار شهيد، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ پرڏيهي شهرين جي گاڏي ڀرسان ڌماڪي ٿيو، جڏهن ته 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ سيڪيورٽي اهلڪار علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي جي علائقي لانڍي جي مانسهرا ڪالوني ۾ پرڏيهي شهرين جي گاڏي تي آپگهاتي حملو ٿيو.
ٻه دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻن سڪيورٽي گارڊن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڌماڪي بعد پوليس، سڪيورٽي ادارا ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌن پهچي ويا، جن مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي جناح اسپتال پهچايو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مانسهراڪالوني ۾ آپگهاتي بمبار پرڏيهي شهرين جي گاڏي تي ڌماڪو ڪيو، آپگهاتي بمبار سميت 2 دهشتگرد مارجي ويا.
پوليس موجب، هڪ حملو ڪندڙ آپگهاتي ڌماڪو ڪيو، حملي بعد فوري طور پوليس نفري پهچي وئي، فائرنگ ڪندڙ جو پوليس سان مقابلو ٿيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور لڳي ٿو دهشتگردن جو انگ 2 هو ۽ ٻئي پيادل هئا، هڪ دهشتگرد گاڏي ويجهو پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، هڪ دهشتگرد گاڏي تي فائرنگ ڪئي.
پوليس اختيارين موجب، شرافي ڳوٺ ٿاڻي جي حدن ۾ پرڏيهين جي وين ويجهو ڌماڪو ٿيو، شروعاتي اطلاع موجب ڌماڪي وقت فائرنگ به ٿي، وين ۾ پنج پرڏيهي سوار هئا، سمورا پرڏيهي شهري محفوظ آهن.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته پرڏيهي شهرين کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، پرڏيهي زمزمه کان ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ ڪم ڪرڻ ويندا آهن.
پوليس اختيارين موجب، پرڏيهي جي وين کي موٽرسائيڪل سوار آپگهاتي بمبار ذريعي نشانو بڻايو ويو، واقعي واري هنڌ تان هڪ ڪلاشنڪوف، دستي بمن سان ڀريل بيگ به ملي آهي، واقعي واري هنڌ ڀرسان هڪ ٻي گاڏي کي به نقصان پهتو.
واقعي جي اکين ڏٺي شاهد سڪيورٽي گارڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو هو ٻن گاڏين ۾ زمزمه کان نڪتا هئا، مانسهرا ڪالوني ويجهو ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي بعد هڪ دهشتگرد گاڏي پٺيان فائرنگ ڪري رهيو هو.
اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي زخمين ۾ 45 ورهين جو نور محمد، لنگر خان ۽ سلمان مسيح شامل آهن، ٻنهي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته زخمين ۾ ڪو به پرڏيهي شامل نه آهي، ان کانپوءِ سيڪيورٽي گارڊ نور محمد علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي جڏهن ته ٻيو سيڪيورٽي گارڊ سلمان رفيق وينٽي ليٽر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.