فيض آباد ڌرڻو، شهباز شريف جو انڪوائري ڪميشن کي ڏنل بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيض آباد ڌرڻي جي انڪوائري ڪندڙ ڪميشن کي ان وقت پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جو ڏنل بيان سامهون اچي ويو آهي.
شهباز شريف فيض آباد ڌرڻو ڪميشن کي ڏنل بيان ۾ چيو ته پنجاب ۾ امن امان جي معاملن تي ڪابينا جي ماتحت امن ڪميٽي جوڙي وئي هئي جيڪا صوبائي قانون واري وزير ۽ ڪجهه ٻين اهم صوبائي وزيرن تي ٻڌل هئي.
هن پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ٽي ايل پي ( تحريڪِ لبيڪ پاڪستان ) بابت انٽيليجنس جي ڪا به رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي هئي، ان وقت فيض آباد ڌرڻي جو اندازو نه هو، ڊي راولپنڊي، ڪمشنر، سي پي او ۽ آر پي او کي امن ڪميٽيءَ طرفان واضح هدايتون مليون هيون، آفيسرن کي هدايتن هيون ته اسلام آباد انتظاميا کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪريو.
شهباز شريف پننجي بيان ۾ اِهو به چيو ته ڪنهن تنظيم تي پابندي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ۾ ڏنل سخت معيار تحت لڳندي آهي، پابندي گهرو وزارت پنهنجي مينڊيٽ موجب لاڳو ڪري سگهي پئي، طاقت جي استعمال سبب ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بگڙجڻ جو خدشو هو.
پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ٽي ايل پي جي اڳواڻن سان سياسي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، ٽي ايل پي ۽ وفاقي حڪومت ۾ معاهدي ۾ اتفاق ٿيو هو، معاهدي ۾ طئي ٿيو هوته ٽي ايل پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس قانوني طريقيڪار کانپوءِ واپس ورتا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.