جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل جي جاچ ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ نئين جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڪميٽي ٻن هفتن ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪندي.
صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ جاچ لاءِ هڪ ٻي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڪميٽي ۾ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي سکر، ايس ايس پي شڪارپور، ايس ايس پي خيرپور، ڊي ايس پي سکر سي ٽي ۽ ڊي ايس پي سائٽ ايريا سکر کي شامل ڪيو ويو آهي.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ نئين جوڙيل ڪميٽي کي پندرهن ڏينهن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جاچ ڪميٽي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪم ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.