وڌيڪ تڪرار کان بچڻ لاءِ فيض آباد ڌرڻي جي انڪوائري بند ڪئي وئي: رضا رباني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي انڪوائري نان اسٽارٽر نڪتي.
پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته وڌيڪ تڪرار کان بچڻ لاءِ انڪوائري بند ڪئي وئي ۽ ڪنهن تي ذميواري نه وڌي وئي، رپورٽ ۾ ذميواري پنجاب جي سويلين حڪومت تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ جي ڊي جيز کي آجو ڪيو ويو.
هن چيو ته انڪوائري ۾ رولز ۾ بي مقصد ترميمون ۽ قانون سازي تجويز ڪئي وئي، ڇا هن وقت ڪا جماعت قانون سازي جو مسودو تيار ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي؟
سندس چوڻ هو ته رپورٽ ۾ ڪنهن تي ذميواري وجهڻ کان پاسو ڪيو ويو، واضح آهي ته ذميواري ڪٿي لاڳو ٿئي ٿي، رپورٽ ۾ احتجاج ڪندڙن خلاف ٻيهر ڪيس کولڻ جي بي بنياد تجويز ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.