تحريڪ انصاف جي فضل الرحمان کي خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪري ڇڏي.
جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ اسد قيصر وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو.
تحريڪ انصاف طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ٻنهي هڪٻئي جي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي گفتگو ڪئي.
اسد قيصر ٻنهي جماعتن ۾ رابطا وڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جنهن تي مولانا فضل الرحمان چيو ته گذريل ملاقاتن ۾ به ڪجهه خدشن تي اسان ڳالهايو هو، اڳ ۾ انهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي جماعتن ۾ مستقل رابطن جي ضرورت آهي.
اسد قيصر چيو ته خدشا ختم ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.