ناڻي ۾ واڌ ۽ مستحڪم معيشت لاءِ برآمدات ۾ واڌ اڻٽر آهي: عبدالعليم خان

ڪراچي: (پ ر) نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ملڪي پرڏيهي ناڻي ۾ واڌ ۽ برآمدات جي واڌ اڻٽر آهي، ان لاءِ هر صورت ۾ ان جي شرح کي وڌائڻو پوندو نجي شعبي کي نوان موقعا ڳولڻ گهرجن.

گورنر هائوس ڪراچي ۾ واپاري برادري ۽ سيڙپڪارن جي اهم اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير خاص طور تي پاڪ-سعودي سيڙپڪاري ۽ برآمدات ۾ واڌ جي حوالي سان خاص قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو

هن چيو ته معيشت جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن برآمدات کي وڌائي سگهجي ۽ بيروزگاري کي به سيڙپڪاري ذريعي گهٽائي سگهجي.

عبدالعليم خان خانگي شعبي تي زور ڏنو ته هو ملڪي ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا ڳولين، جنهن لاءِ حڪومت کين هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي.

سعودي عرب جي اعليٰ سطحي وفد جي آمد تي هن ان اميد جو اظهار ڪيو پرائيويٽ سيڪٽر ان موقعي مان ڀرپور فائدو کڻندو، جنهن سان سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي به هٿي ملندي.

اجلاس ۾ واپار واري وفاقي سيڪريٽري صالح فاروقي بريفنگ ڏيندي چيو ته هن وقت زراعت، ٽيڪسٽائيل، انفارميشن ٽيڪنالاجي، دواسازي، موبائيل، راندين جو سامان، معدنيات ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي گنجائش آهي.

اجلاس ۾ اهم ڪاروباري شخصيتن، سيڙپڪارن ۽ واپاري برادري جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ حڪومت جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو.

اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ان عزم جو به اظهار ڪيو ته هو سعودي عرب جي اعليٰ سطحي وفد سان ڀرپور تعاون ڪندا ۽ پاڪستان جي برآمدات کي جيترو ممڪن ٿي سگهي وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون.

ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو زبير موتي والا به اجلاس ۾ خصوصي طور شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.