سنڌ جي عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا: وقار مهدي

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ سينيٽر وقار مهدي سان ايم اين اي ناز بلوچ جي ڪوآرڊينيٽر ۽ پ پ اڳواڻ محمد اسلم خان ۽ سبحان علي ساگر سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي تنظيمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وقار مهدي چيو ته هو سنڌ جي عوام کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ گڏجڻ سٺو سنوڻ آهي، اسان وٽ رنگ ۽ نسل جي فرق کانسواءِ عوام جي خدمت جو جذبو آهي. جن جو تعلق ٻين سياسي پارٽين سان آهي اسان انهن جا به سمورا مسئلا حل ڪريون ٿا، پيپلزپارٽي جا در سڀني سياسي پارٽين لاءِ کليل آهن.

هن چيو ته ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي.

پ پ اڳواڻ محمد اسلم خان چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي خاص طور صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ دلچسپي رکي ٿي. ان سلسلي ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي، جنهن لاءِ اسين سندس دل جي گهراين کان شڪر گذار آهيون.

سبحان علي ساگر چيو ته وقار مهدي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي تنظيمي معاملن کي سٺي نموني انجام ڏئي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.