شرجيل ميمڻ عوام کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ميرپورخاص ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ پنڪ بس سروس جا ٻه نوان روٽ به شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ سيڪريٽري اسد ضامن، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪمال دايو شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي، گرين لائن، يلو لائن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
اجلاس دوران شرجيل ميمڻ عوام کي خوشخبري ٻڌائيندي چيو ته ميرپورخاص ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ ۽ پنڪ بس سروس جا ٻه نوان روٽ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته 10 نيون بسون به پنڪ بس سروس ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پنڪ بس سروس جي نون نون روٽن جو افتتاح 19 اپريل تي ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته 20 اپريل کان ميرپورخاص جي عوام لا3 به پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪيش ليس آٽوميٽڊ فيئر ڪليڪشن سمارٽ ڪارڊ 25 اپريل کان لانچ ڪيو ويندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، اقتصادي سرگرمين کي به هٿي ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.