وڻ اسان کي ڪيترائي فائدا ڏيندا آهن پر اسان انهن جي اهميت کان اڻ واقف هوندا آهيون، جيئن نم جو وڻ، اسان کي ڪيترائي فائدا ڏيندو آهي.
قديم زماني کان نم جي وڻ مان بيمارين جو علاج ڪيو ويندو رهيو آهي.
وقت گذرڻ سان ان جي اهميت کان ماڻهو اڻڄاڻ ٿي ويا آهن. نئين نسل کي ان جي فائدن بابت ڄاڻڻ گهرجي.