سوئيڊن: اسڪارف پائڻ تي نوڪري تان ڪڍڻ خلاف مسلمان عورت ڪيس کٽي ورتو

اسٽاڪ هوم (ويب ڊيسڪ) سوئيڊن ۾ اسڪارف پائڻ تي نوڪري مان ڪڍڻ خلاف مسلمان عورت ڪيس کٽي ورتو.
سوئيڊن جي امتيازي محتسب اداري اسڪارف پائڻ تي امتيازي ورتاءَ جو شڪار ٿيندڙ مسلمان عورت جي حق ۾ فيصلو ٻڌائيندي ايئر لائن ڪمپني کي حڪم ڏنو ته اها عورت کي 14 هزار ڊالر ادا ڪري.
سوئيڊش امتيازي محتسب اداري جي فيصلي موجب ڄاڻايل ايئر لائن ڪمپني ”جيڪا مذهبي علامتن جي اجازت ناهي ڏيندي ۽ ملازمت دوران هڪجهڙي لباس جي نظام تي عملدرآمد ڪرائيندي آهي“ عورت جي ملازمت دوران درخواست قبول ڪرڻ باوجود ان کي اسڪارف پائڻ تي ملازمت تان ڪڍي ڇڏيو هو، جيڪو امتيازي ورتاءَ جي زمري ۾ اچي ٿو.
فيصلي موجب ليبر مارڪيٽ ۾ برابري ۽ مذهبي آزادي کي ملازمت ڏيندڙ مفادن سان ٽڪراءُ نه ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.