”خوبصورت ته آهيان پر مرد ڊپ سبب مون سان ڊيگهه ئي ناهن ڪندا، تڏهن شادي ناهي ٿي“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪارا مهوش حيات چيو آهي ته مرد هن کان ڊڄن ٿا ان لاءِ هن سان تعلق رکڻ کان ڪيٻائيندا آهن، اڄ تائين ڪنهن سجيدگي سان رابطو ناهي ڪيو.

رپورٽ موجب هڪ پراڻو انٽرويو عيدالفطر تي ٻيهر نشر ڪيو ويو جنهن جي وڊيو سماجي رابطن جي ويبسائيٽس تي وائرل آهي. انٽرويو ۾ ميزبان اداڪارا مهوش حيات کان سندس شاديءَ بابت سوال ڪيو جنهن تي هن اعتراف ڪيو ته هالي ووڊ اداڪار ليونارڊو ڊي ڪيپريو سندس ڪرش آهي ۽ هاڻي به اهو ئي پسند آهي. هن مرڪندي چيو ته جيئن ليورنارڊو اداڪارا سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو ته بارات کڻي اچي هوءَ تيار ويٺي آهي.

شاديءَ بابت سنجيده سوال تي اداڪارا ٻڌايو ته فل الحال شاديءَ لاءِ ذهين طور تي تيار ناهي پر جڏهن به شادي ڪندي ته شوبز کان ڪجهه وقت پري رهندي. هن چيو ته شادي ذميواريءَ جو نالو آهي، ان لاءِ هوءَ شادي ڪندي ته ڪجهه وقت شوبز کان پاسو ڪندي. اداڪارا ٻڌايو ته ڪيترائي ڀيرا مختلف ماڻهن جا رشتا آيا آهن پر ڪنهن کي به هن ها ناهي ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ مهوش چيو ته حالانڪي هوءَ خوبصورت آهي پر پوءِ به مرد رشتو رکڻ کان ڪيٻائيندا آهن، هن ٻڌايو ته اڄ تائين ڪنهن سجيدگي سان تعلق ناهي قائم ڪيو، شايد سندس شخصيت سبب مرد هن کان ڊڄندا آهن ۽ ڪوششون ناهن ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.