ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 15 اچي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موسيقي سان چاهه رکندڙن جو ڊگهو انتظار نيٺ ختم ٿيو ۽ ڪوڪ اسٽوڊيو هڪ سال جي ساهيءَ کانپوءِ 14 اپريل تي پندرهون سيزن يرليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

رپورٽس موجب ”ڪوڪ اسٽوڊيو“ پاڪستان ۾ 2008 ۾ شروع ٿيو ۽ جون 2008 ۾ ان جو پهريون سيزن ريليز ٿيو هو، گذريل 16 سالن ۾ ان جا پندرنهن سيزن ريليز ٿي چڪا آهن ۽ هر سال اٽڪل هڪ درجن يا ان کان وڌيڪ گانا ريليز ڪيا ويندا آهن.

هن ڀيري ڪوڪ اسٽوڊيو جي پندرهين سيزن ۾ يارنهن گانا ريليز ڪرڻ جو امڪان آهي ۽ هر سال جيان هن سال به پاڪستان جي مختلف مقامي ٻولين جي گانن کي ريليز ڪيو ويندو. ڪوڪ اسٽوڊيوجي هر سيزن ۾ پنجابي ٻوليءَ کانسواءِ پشتو، سنڌي ۽ بلوچي ٻوليءَ سميت سرائيڪي ٻولي جا گانا ريليز ٿي چڪا آهن جڏهن ته انگريزي، ترڪ ۽ فارسي ٻوليءَ جي گانن کي به اردو سان گڏ ريليز ڪيو ويو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by ShowbizShowsha (@showbizshowsha)

ڪوڪ اسٽوڊيو 15 کي ذالفقار جبار خان عرف ذلفي سميت ٻيا پروڊيوسرز پروڊيوس ڪندا ۽ ٻه درجن گلوڪار ان ۾ ڳائيندي نظر ايندا. ڪوڪ اسٽوڊيو پندرنهن جي شروعات 14 اپريل کان ٿيندي ۽ امڪاني طور تي مئي جي آخر ۾ يا جون جي شروعات ۾ آخري گانو ريليز ڪيو ويندو.

ان کان اڳ ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 14 جي شروعات جنوري 2022 ۾ ٿي ۽ آخري گانو مارچ جي آخر تائين جاري رهيو ۽ مجموئي طور تي 13 گانا ريليز ڪيا ويا هئا. ڪوڪ اسٽوڊيو 14 جي مشهور گانن ۾ ڪنا ياري، تو جهوم ۽ پسوڙي شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.