سلمان ڪهڙي ڳالهه تي چيو ڇوڪرو ڀلو آ؟ ڳالهه پڪي سمجهيو

ممبئي(ويب ڊيسل) بالي ووڊ اداڪار ۽ سلمان خان جي ڀيڻيوي ايوش شرما هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته شاديءَ کان پهريون سلمان خان کي ٻڌايو هو ته هو بيروزگار آهي.

ڀارتي رپورٽس موجب ايوش شرما هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته شاديءَ کان پهريون سلمان خان هن کان ڪمائي جي ذريعي بابت پڇيو ته هن سلمان خان کي جواب ڏنو ته هو ڪجهه به ناهي ڪمائيندو، پيءُ پيسا ڏيندو آهي جنهن سان گذارو ٿيندو آهي. ايوش شرما چيو ته ان ڳالهه تي سلمان خان پنهنجي ڀيڻ ارپيتا کي ڏٺو ۽ چيو ته ڇوڪرو ايماندار آهي، ڇوڪرو ڀلو آهي شادي پڪي سمجهيو.

ايوش ٻڌايو ته هڪ ڏينهن هو ارپيتا کي گهر ڇڏڻ ويو ته اتي سلمان خان اوچتو اچي ويو، ان وقت هن سوچيو ته ”پيار ڪيا تو ڊرنا ڪيا“، اتي ايوش پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ جواب ۾ سلمان به کيس پنهنجو نالو ٻڌايو جنهن کان پوءِ هو سندس گهر مان نڪري ويو، ٻئي ڏينهن ارپيتا ٻڌايو ته سلمان خان هن سان ملڻ ٿو چاهي ۽ هن هن بابت وڌيڪ ڄاڻڻ ٿو چاهي.

ايوش ٻڌايو ته جڏهن سلمان خان پڇيو ته هو ڇا ڪرڻ چاهي ٿو ته هن ٻڌايس ته اداڪار ٿيڻ ٿو چاهي. پر سلمان چيس ته کيس اداڪاري نٿي اچي ۽ ٽريننگ جي ضرورت اٿس.

ايوش شرما ۽ ارپيتا جي شادي 2014 ۾ ٿي کين ٻن ٻارن جو اولاد به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.