ڪير ڪنهن جو غلام يا مالڪ ناهي، عوام جي طاقت سان انقلاب آڻڻو پوندو: اچڪزئي

پشين (ويب ڊيسڪ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي ميمبر محمود خان اچڪزئي مطالبو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس پارٽي جي ٻين ماڻهن خلاف ڪيس واپس ورتا وڃن.
پشين ۾ اپوزيشن اتحاد ”تحريڪ تحفظ آئين“ جلسي کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته ڪو به ڪنهن جو مالڪ يا غلام ناهي، عوام جي طاقت سان ئي انقلاب آڻڻو پوندو.
هن چيو ته اسان جو اتحاد حڪومت ڪيرائڻ لاءِ نه پر آئين جي بالادستي لاءِ آهي، آئين جي بالادستي لاءِ يقين رکندڙ پاڪستانين کي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيان ٿو.
سندس چوڻ هو ته هتي ڪو ڪنهن جو غلام ناهي اسان سڀ برابر آهيون، اسان کي عوام جي طاقت سان انقلاب آڻڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.