پاڪ – نيوزيلينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جي نالن جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي 5 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل مئچن جي سيريز لاءِ مئچ آفيشلز جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل آفيشلز جي فهرست ۾ احسن رضا، عليم ڊار امپائر پينل ۾ شامل آهن، جڏهن ته آصف يعقوب، راشد رياض ۽ فيصل آفريدي مئچ سپروائيز ڪندا ۽ زمبابوي جو اينڊي پائي ڪرافٽ آئي سي سي طرفان مئچ ريفري هوندو.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٿيندڙ سيريز 18 اپريل کان 27 اپريل تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.