امڪان آهي ته ايران جلد اسرائيل تي حملو ڪندو: جو بائيڊن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن ايران ۽ اسرائيل جي ڇڪتاڻ تي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ايران طرفان اسرائيل مٿان حملي جا امڪان آهن.
جو بائيڊن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا اسرائيل جي دفاع لاءِ تيار آهي،ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ تي صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون.
واضح رهي ته پهرين اپريل تي شام جي گادي واري هنڌ دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيل جي هوائي حملي جي نتيجي ۾ 7 ايراني فوجي آفيسر شهيد ٿي ويا هئا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب دمشق حملي بعد علائقي ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي فوج هائي الرٽ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.