سلسله فلم نه ملڻ تي پروين بابي ڏاڍو رُني: رنجيت سنگهه

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ مشهور ولن رنجيت سنگهه انڪشاف ڪيو ته ريکا ۽ اميتاڀ جي مشهور فلم ”سلسله“ ۾ جيا بچن جي جڳهه تي پهريون پروين بابي جي چونڊ ڪئي وئي هئي، فلم ۾ ڪاسٽ نه ٿيڻ تي ڏاڍو رني هئي.
واضح رهي ته پروين بابي جو موت 2005 ۾ ٿيو هو، رنجيت سنگهه پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هو پروين بابي جو ڏاڍو سٺو دوست هيو، 1981 جي سپر هٽ فلم سلسله ۾ ڪاسٽ نه ٿيڻ تي پروين بابي ڏاڍو پريشان هئي.
هڪ انٽرويو ۾ رنجيت سنگهه ٻڌايو ته پروين بابت سان سٺي دوستي هئڻ ڪري هو سندس ويجهو رهيو، پروين بابي ڏاڍي اڪيلي هئي ۽ هوءَ طبيعيت ۾ ڏاڍي پياري هئي هميشا مرڪندي رهندي هئي.
هڪ ڀيري پروين بابي ڏاڍي پريشان هئي ۽ روئي رهي هئي، جڏهن رنجيت سنگهه روئڻ جو سبب پڇيو ته ٻڌايائين ”سلسله جي اصل هيروئن هوءَ هئي پر فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ کان بعد ۾ معزرت ڪئي وئي.
رنجيت جو چوڻ هو ته فلم ۾ هڪ تڪرار سبب ريکا ۽ جيا بهادري کي ڪاسٽ ڪيو ويو هو جڏهن ته اميتاڀ بچن هيرو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.