اسرائيلي وزيراعظم غزا ۾ غلطي ڪري رهيو آهي: آمريڪي صدر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن غزا ۾ اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جي پاليسي کي غلطي قرار ڏيندي اسرائيل تي زور ڏنو آهي ته هو جنگ بندي جو اعلان ڪري.

گذريل ڏينهن هڪ پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي هن تبصرو ڪندي چيو ته منهنجي خيال ۾ هو (اسرائيلي وزيراعظم) جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو غلط آهي، مان ان جي پاليسي مان متفق نه آهيان.

هن چيو ته مان اسرائيل کان غزا ۾ جنگ بندي ۽ ايندڙ ڇهه کان 8 هفتن دوران غزا داخل ٿيندڙ سموري خوراڪ ۽ دوائن تائين مڪمل رسائي ڏيڻ جو مطالبو ڪريان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.