ڊاڪٽر مجيب صحرائي ٻئي مدي لاءِ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جو وي سي مقرر

ڪراچي (پ ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، جيڪو سرڪاري يونيورسٽين جو چانسلر پڻ آهي، پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ کي 13 آگسٽ 2024 کان وڌيڪ چئن سالن لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي، ڪراچيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪري ڇڏيو.
يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري نور احمد سمون پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وڏي وزير سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ايڪٽ 2011 جي سيڪشن 13 (1) ۽ سنڌ يونيورسٽيز اينڊ انسٽيٽيوٽز قانون (ترميمي) جي ايڪٽ 2018ع پاران ترميم ٿيل، تحت اختيار استعمال ڪندي اهڙو فيصلو سنڌ ايڇ اِي سي جي چيئرمين پاران موڪليل سمريءَ تي ڪيو.
ياد رهي ته قانوني طور تي ڪنهن به يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي مقرريءَ جي سمري ايڇ اي سي طرفان سنڌ جي وڏي وزير کي وائيس چانسلر جي مدت پوري ٿيڻ کان ڇهه مهينا اڳ موڪلي ويندي آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي کي 17 آگسٽ 2020ع کان سندس خدمتن ۽ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ ٻيهر مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ کيس سرچ ڪميٽي جي سفارش تي 13 آگسٽ 2020 تي سنڌ جي وڏي وزير مقرر ڪيو ويو، جنهن تحت هن 17 آگسٽ 2020 تي سنڌ مدرسه يونيورسٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.
ٻئي طرف سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي فيڪلٽي، انتظاميه ۽ ٻئي عملي ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي کي ٻئي مدي لاءِ وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي جي پهرئين دور ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي ملڪ جي هڪ معياري ۽ ڪامياب درسگاهه طور اڀري سامهون آئي آهي، جڏهن ته هن جي ٻئي دور ۾ پڻ هيءَ تاريخي درسگاهه تمام گهڻي ترقي ڪندي ۽ ڪاميابي ماڻيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.