مصطفيٰ ڪمال جو ڪراچي کي فوج حوالي ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ڪراچي کي 3 مهينن لاءِ فوج حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
جاري ڪيل بيان ۾ مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ حڪومت شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي، ڪراچي کي ڦورن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.
هن چيو صوبائي گهرو وزير ٻڌائي ته پوليس جا هٿ ڪنهن ٻڌا آهن؟ ڪراچي جو نوحو ڪنهن کي ٻڌڻ ۾ نه پيو اچي.
مصطفيٰ ڪمال مطالبو ڪيو ته ڪراچي کي 3 مهينن لاءِ فوج حوالي ڪيو وڃي، ايم ڪيو ايم اسٽريٽ ڪرائمز جي حوالي سان اهر ممڪن سهڪار لاءِ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.