ججن کي شڪي خط موڪلڻ جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن کي شڪي خطن جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
ذريعن موجب خطن جي هينڊ رائيٽنگ جي فرانزڪ رپورٽ سي ٽي ڊي کي وصول ٿي وئي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ، اسلام آباد ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن کي خطن جي لکائي ميچ ٿي وئي آهي.
فرانزڪ رپورٽ موجب ٽنهي عدالتن جي ججن کي خطن جي لکائي هڪ ئي شخص جي آهي، ريشم، ريشمان ۽ گلشاد عورت جي نالي سان خط هڪ ئي شخص لکيا، ٽنهي ڪورٽن کي موڪليل خط هڪ ئي پوسٽ آفيس مان موڪليا ويا.
سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته ججن کي ڌمڪي جوڳا خط موڪلڻ جو هڪ ئي ماسٽر مائينڊ آهي، ججن جي خطن ۾ وڌل آرسينڪ به هڪ ئي شخص خريد ڪيو، خطن ۾ موجود آرسينڪ ڪٿان خريد ڪيو ويو، ان جي به ويجهو پهچي چڪا آهيون.
ذريعن موجب پوسٽ باڪسز ڀرسان حاصل سي سي ٽي وي وڊيوز جو نادرا کان سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.