حراست ۾ زبردستي حجاب لاهڻ تي نيو يارڪ انتظاميا مسلمان عورتن کي لکين ڊالر ادا ڪندي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي شهر نيو يارڪ سٽي جي انتظاميا هڪ عدالتي فيصلي تحت ٻن آمريڪي مسلمان عورتن کي 17.5 ملين ڊالر ادا ڪرڻ جي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.
عورتن جو موقف هو ته پوليس حراست دوران انهن جون تصويرون ڪڍڻ لاءِ زبردستي حجاب لهرايو هو، جنهن سان سندن بنيادي حق متاثر ٿيا.
ٻنهي آمريڪي مسلمان عورتن جميلا ڪلارڪ ۽ عروا عزيز طرفان اها درخواست سال 2018 ۾ ڪئي وئي هئي، سندن موجب پوليس جو اهو عمل شرمناڪ هو.
هڪ عورت چيو ته پوليس حجاب لهرائي تصويرون ڪڍي رهي هئي، تڏهن ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ کين ڪپڙن کان آجو ڪيو ويو هجي، وٽن ٻڌائڻ لاءِ لفظ ناهن ته اهو عمل سندن لاءِ ڪيترو تڪليف ڏيندڙ هو.
ان قانوني ڪارروائي کانپوءِ نيو يارڪ پوليس 2020 ۾ فيصلو ڪيو هو ته حراست دوران تصويرن لاءِ عورتون حجاب ڪري سگهن ٿيون پر انهن جا چهرا ظاهر هجن.
هوڏانهن نيو يارڪ شهر جي قانون شعبي جي ترجمان ان قانوني فيصلي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.