نيو يارڪ، نيو جرسي سميت آمريڪا جي مختلف رياست ۾ زلزلي جا لوڏا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست نيو جرسي ۾ آيل زلزلي نيو يارڪ شهر کي به لوڏي ڇڏيو پر زلزلي جي لوڏن سبب ڪنهن جاني نقصان جو اطلاع سامهون ناهي آيو.
آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب آمريڪا ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن جو مرڪز نيو جرسي هو ۽ ريڪٽر اسڪيل تي ان جي شدت 4.8 رڪارڊ ڪئي وئي.
پر يورپين مڊيٽرينيئن سيسمولاجيڪل سينٽر موجب زلزلي جي شدت 5.5 هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب نيو يارڪ ۾ زلزلي جي لوڏن دوران بروڪ لين جون عمارتون لڏڻ لڳيون، گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ غزا تي ٺهراءُ زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيڻ سبب ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪيو ويو.
سوشل ميڊيا واهپيدارن موجب زلزلي جا لوڏا فلڊيلفيا کان نيو يارڪ ۽ اوڀر ڏانهن ٻيٽن تي به محسوس ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.