”پي ٽي آءِ جو همدرد گروپ ججن کي خط موڪلڻ ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اثر هيٺ يا همدرد اهڙو گروپ ٿي سگهي ٿو، جيڪو ججن کي ڌمڪي جوڳا خط موڪلڻ جي معاملي ۾ شامل هجي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ججن کي خط لکڻ جي معاملي ۾ بينيفشري ته پي ٽي آءِ آهي ۽ معاملن کي بگاڙڻ پي ٽي آءِ جي حق ۾ آهي، اسان جي خلاف ته ڪيس عدالتن ۾ ناهن، اسان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان رليف به مليو، اسان ڇو ڌمڪي وارا خط موڪلينداسين؟
هن چيو ته اهو معاملو بنيادي طور عدليا جي آزادي جو مسئلو آهي، عدليا کي ويهي پنهنجي خود احتسابي ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن عدليا کي اسٽيبلشمينٽ سان مسئلو آهي ته ڀلي انهن کي به گهرائي.
سندس چوڻ هو ته سياسي عدم استحڪام سان ملڪ کي نقصان ٿيندو، حڪومت کي سياسي استحڪام جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.