ٽن اصولن تي عمل ڪندي تعميري سفر جي شروعات ڪنداسين: مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان

اسلام آباد (پ ر) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ملڪي ترقي ۽ عوام جي خدمت جي جذبي سان سياست ۾ پير رکيو آهي، ٽن اصولن سان تعميري سفر جي شروعات ڪنداسين، اوڳاڙين ۾ واڌ اعليٰ معيار جي تعمير ۽ شفافيت منهنجا بنيادي اصول رهندا.

اهڙن خيالن جو اظهار هن مواصلات واري وزارت جو باضابطا قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ اين ايڇ اي جي اعليٰ عملدارن سان ڳالهائيندي ڪيو.

ان موقعي تي فيڊرل سيڪريٽري مواصلات علي شير محسود، چيئرمين نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ارشد مجيد مهمند ۽ ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا.

فيڊرل سيڪريٽري مواصلات علي شير محسود وفاقي وزير کي اين ايڇ اي ۽ مواصلات جي ٻين ماتحت ادارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته تعميري عمل ۾ اعليٰ معيار شفافيت، چاهه ۽ محنت کي جيڪڏهن مقصد رکجي ته ملڪ ۽ قوم جلد ترقي ڪندو. اسان ان ئي جذبي سان وزارت جا سڀ تعميري ۽ انتظامي معاملا انجام ڏيڻ کي يقيني بڻائينداسين جيئن تعميري منصوبن جي وقت سر پورائي مان عوام فائدو وٺي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.