”عوام ڪنهن جماعت کي واضح اڪثريت نه ڏئي پيغام ڏنو ته سڀ گڏجي مسئلا حل ڪن“

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام ڪنهن جماعت کي واضح اڪثريت نه ڏئي سڀني کي گڏجي مسئلن جي حل جو پيغام ڏنو آهي.
لاڙڪاڻي ۾ ورڪرز کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊن ذريعي عوام سياسي جماعتن کي پيغام ڏئي ڇڏيو آهي، عوام ڪنهن هڪ جماعت کي واضح اڪثريت نه ڏني، عوام چاهي ٿو ته سڀ گڏجي مسئلن جو حل ڪڍن.
هن چيو ته عوام جي مسئلن جو حل اسان جي ترجيح آهي، مسئلن جي حل ۾ چونڊيل نمائندن جو اهم ڪردار آهي، چونڊيل نمائندا عوامي ضرورتن موجب مشاورت سان منصوبا ترتيب ڏين.
سندس چوڻ هو ته اليڪشن ۾ مينڊيٽ ڏيڻ تي عوام جا ٿورائتا آهيون، پاڪستان هن وقت ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي، ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار آهي، پارلياماني ميمبرن کي گهرجي ته گڏيل مشاورت سان ملڪ کي اڳتي وٺي وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.