ليلة القدر تي ملڪي ترقي ۽ سلامتي لاءِ دعائون ضرور گهرو: سعديه راشد

ڪراچي (پ ر) همدرد فائونڊيشن پاڪستان جي صدر سعديه راشد 27 رمضان المبارڪ ليلة القدر جي مناسبت سان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هونئن ته رمضان ڪريم جي هر گهڙي پنهنجي اندر ايمان وارن لاءِ بي شمار برڪتن سان ڀريل هوندي آهي پر آخري ڏهاڪي جي طاق راتن ۾ ايمان وارن تي رحمتون، برڪتون ۽ عظمتون عروج تي پهچي وينديون آهن.
هن چيو ته 27 رمضان المبارڪ نه رڳو قيام پاڪستان جو ڏينهن آهي پر الله پاڪ سان ڪيل عهد جي تجديد، سماج ۾ موجود خرابين خلاف علمي ۽ فڪري جهاد جي عزم ۽ ملت ۾ شعور، وحدانيت ۽ اتحاد جي بيداري جو ڏينهن به آهي، شهيد پاڪستان حڪيم محمد سعيد اهي ئي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي عمر ڪوششن ۾ رهيو، هو ان ئي نظرياتي اساس جو پاسدار هو ۽ هن چاهيو ته 27 رمضان کي آزادي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي، سندس خواهش هئي ته ڇو ته اها عبادت جي رات آهي، تنهن ڪري قوم عبادت ڪري الله پاڪ جو شڪر ادا ڪري ۽ ملڪي ترقي لاءِ دعائون گهري.
سندس چوڻ هو ته اڄ پاڪستان اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، منهنجي وطن واسين کي درخواست آهي ته اهي هن رات پنهنجي عبادتن ۾ ملڪي ترقي ۽ سلامتي لاءِ خاص دعائون گهرن ۽ عزم ڪن ته ملڪ خلاف سڀني سازشن کي ناڪام بڻائيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.