شان فوڊز پاران نئين ڪارپوريٽ سڃاڻپ متعارف

ڪراچي (پ ر) پاڪستان جي سڀ کان وڏي فوڊ ڪمپنين مان هڪ شان فوڊز شان شيئرز جي نالي سان پنهنجي نئين ڪارپوريٽ سڃاڻپ متعارف ڪرائي آهي. شان فوڊز دننيا ۾۾ 70 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڏکڻ ايشيائي کاڌن تي عبور رکندڙ برينڊ آهي ۽ 1981 ۾ سنگل روم آپريشن سان پنهنجي شروعات کانپوءِ ٽيسٽ هيپي نيس ٽيگ لائن لاءِ مشهور آهي.

ڪمپني شروعاتي ڏينهن کان ئي پنهنجي ڪارپوريٽ سماجي ذميواري کي وڌائڻ جي ڪوششن ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي. مختلف کاڌن ۾ مستقل طور تي اثرائتن فلاحي ڪمن ذريعي شان فوڊز پنهنجو پاڻ کي عوام سان هم آهنگ برانڊ جي طور تي پيش ڪيو جيڪو پٺ تي پيل ماڻهن جي ترقي ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ وقف آهي.

نئين ڪارپوريٽ سڃاڻپ بابت ڳالهائيندي شان فوڊز جي شريڪ چيئرپرسن سمر سلطان چيو ته سي ايس آر هميشه اسان جي ڪٽنب ۽ ڪمپني جي پهرين ترجيح رهي آهي. اسان پنهنجي هاري کان واهپيدار جي سلسلي ۾ گهڻا اهڙا شعبا ڏٺا آهن جتي اسان پنهنجي وسيلن ۽ پنهنجي اثر رسوخ ذريعي هڪ هاڪاري اثر پيدا ڪري سگهون ٿا. ان لاءِ شان شيئرز کي ڪمپني جي تاريخ ۾ هڪ ٻي نمايان ڪاميابي جي علامت قرار ڏئي سگهجي ٿو.

شان شيئرز جو مقصد پنهنجي سي ايس آر جي ڪاميابي ۽ گڏيل قومن جي جٽادار ترقي جي هدفن سان پنهنجي وفاداري کي ظاهر ڪرڻ آهي. ان کانسواءِ شان شيئرز صحت جي سار سنڀال، تعليم، ماحوليات تحفظ ۾ ملڪ ۾ ضرورتمندن جي خدمت ۾ ڪمپني جي ڪوششن جي علامت آهي.

شان فوڊز جي اها سڃاڻپ ڪمپني جي اندرون ۾ اخلاقي طور تي ذميواراڻن طريقن جي حوصلا افزائي ڪري ٿي، ان جو مقصد ملڪ ۾ پنهنجي موجودگي ۽ وسيلن کي استعمال ڪندي معنيٰ واري ڀائيواري ۽ ميمبرشپ کي هٿي ڏيڻ آهي ته جيئن جٽادار مينوفيڪچرنگ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، ماحولياتي تحفظ، تعليمي وڪالت، صحت جي سار سنڀال ۽ ٻين سماجي ڪوششن جي حوصلا افزائي ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.