خريف ۾ 30 سيڪڙو آبي کوٽ، پاڻي روڪڻ تي سنڌ جو احتجاج

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ پاڻي کوٽ 30 سيڪڙو هجڻ جو ڪاٿو لڳائيندي پاڻي ورڇ پاڻي ٺاهه جي پيرا ٽو بدران ٽه رخي فارمولي تحت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن تي سنڌ پاران احتجاج ڪيو ويو آهي. ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس سنڌ پاڻي جي فراهمي تي پيد ٿيل صورتحال تي غور ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ ارسا چيئرمين عبدالحميد مينگل جي صدارت هيٺ ارسا جي  ايڊوائيزر ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ارسا جي چئني صوبن جي ميمبرن  شرڪت ڪئي آهي. اجلاس ۾ پاڻيءَ جي سطح گهٽجڻ سبب سنڌ کي پاڻي فراهمي بابت پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ خريف جي فصل لاءِ پاڻي جي دستيابي تي به غور ويچار ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پاڻي جي کوٽ گهٽجي 30 سيڪڙو تي پهچي وئي. ارسا ٽيڪنيڪل ڪميٽي خريف موسم لاءِ 30 سيڪڙو کوٽ تي ڪم ڪيو آهي. پهرين اپريل کان 10 جون خريف جي شروع ۾ پاڻي جي کوٽ 30 سيڪڙو رهندي. پاڻي جي گهٽتائي جو سبب گهٽ گرمي پد ۽ برف پگهرڻ ۾ دير ڄاڻايو ويو آهي. اجلاس ۾ پنجاب جي ميمبر طرفان ارسا ايڪٽ پيرا ٽو تحت پاڻي جي ورڇ جي مخالفت ڪندي چيو ته پاڻي ٽه رخي فارمولي تحت ورهايو وڃي. هن چيو ته پيرا ٽو وارو معاملي سي سي آءِ ۾ آهي، جنهن ڪري ان تي عمل نٿو ڪري سگهجي.سنڌ جي نمائندي ٽه رخي فارمولي کي هٿرادو فارمولو قرار ڏئي ڇڏيو. اجلاس ۾ واپڊا طرفان به منگلا ڊيم تي ڪم جاري رکڻ لاءِ پاڻي روڪڻ وار معاملو سامهو آيون، جنهن تي سنڌ پاران احتجاج ڪيو ويو.  واپڊ صوبن کان اجازت کان سواءِ ڪم شروع ڪيو. واپڊا جي نمائندي ٻڌايو ته عالمي قرض ملڻ سبب منگلا تي ڪم شروع ڪيو. سنڌ جي نمائندي چيو ته ڇا هڪ ارب قرض لاءِ اربين رپين جي زراعت تي ڪم نه ڪجي. هن سال پوکي نه ڪجي. اجلاس بعد ارسا ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب خريف جي مُند ۾ صوبن لاءِ 6 ڪروڙ 36 لک ايڪڙ فٽ پاڻي دستياب هوندو. پنجاب کي 3 ڪروڙ 11 لک ۽ سنڌ کي 2 ڪروڙ 88 لک ايڪڙ فُٽ پاڻي ڏنو ويندو، بلوچستان کي 28 لک 50 هزار ۽ ڪي پي کي 8 لک 20 هزار ايڪڙ فُٽ پاڻي ملندو.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.