عرب ملڪ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهن: آمريڪي صدر

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن فلسطين جي ٻه رياستي حل تي زور ڏيندي چيو آهي ته عرب ملڪ مستقبل ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
نيو يارڪ ۾ فنڊ ريزنگ تقريب کي خطاب ڪندي جو بائيڊن چيو ته اسان سعودي عرب، مصر، اردن ۽ قطر سميت ٻين عرب ملڪن سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اهي ملڪ مستقبل جي معاهدي ۾ اسرائيل کي مڪمل طور تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
هن ٻه رياستي حل تي زور ڏيندي چيو ته غزا صورتحال کانپوءِ هڪ منصوبو تيار ٿيڻ گهرجي، ٻه رياستي حل لاءِ رستو ڪڍڻ گهرجي، جيڪڏهن ائين اڄ نه ٿي رهيو آهي ته مستقبل ۾ ٿيڻ گهرجي ۽ اسان ائين ڪري سگهون ٿا.
سندس چوڻ هو ته هن وقت اسرائيل هڪ اهڙي پوزيشن تي آهي، جتي ان جو وجود داءَ تي لڳل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.