ليلت القدر، رمضان شريف جي آخري ڏهاڪي جي ڪهڙي رات هوندي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان جي مهيني جي آخري ڏهاڪي ۾ داخل ٿيندي ئي مسلمان ليلت القدر جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ سندن خواهش هوندي آهي ته هن رات وڌ کان وڌ دعائون گهرن. سوشل ميڊيا سائيٽس تي ليلت القدر بابت سرچ وڌي وئي آهي.

ماڻهو اهو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته ليلت القدر جون ڪهڙيون نشانيون آهن ته جيئن هو انهن کي سڃاڻي وڌ ۾ وڌ ۾ عبادت ڪن ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪن.

سعودي فلڪيات جي ماهر خالد الزعاق موجب ليلت القدر سان ڪائناتي، فلڪياتي ۽ موسمي علامتون واڳيل آهن.

گذريل رات ڇنڇر جي رات ڏهن راتين ۾ پهرين رات هئي ۽ ليلت القدر لاءِ سڀ کان وڌيڪ امڪان واري رات هئي.

الزعاق موجب سال جي سڀ کان اهم رات قرآن شريف جي نازل ٿيڻ واري رات آهي. ان لاءِ رب العزت ان کي ليلت القدر چيو.

هن ٻڌايو ته روايت ۾ ٻڌايو ويو ته ليلت القدر ۾ ڪائناتي، فلڪياتي ۽ موسمي علامتون آهن جن ۾ بنا شعاعن جي سج اڀرڻ به شامل آهي. اها هڪ پرسڪون رات هوندي جيڪا نه وڌيڪ گرم هوندي ۽ نه ئي وڌيڪ ٿڌي هوندي.

عالمن ۾ اهو امڪان سڀ کان وڌيڪ آهي ته اهي روحاني نشانيون آهن، عالمگير نه آهن ۽ هر سال ناهن ٿينديون.

ٻئي پاسي سائنسي طور تي ثابت ناهي ٿيو ته سج سال جي ڪنهن ڏينهن شعاعن کانسواءِ اڀريو هجي.

ليلت القدر جي تعين جي حوالي سان فقن ۾ اختلاف آهن، مسلمان آخري ڏهاڪي ۾ ان رات کي ڳوليندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.