اوگرا سمري موڪلي ڇڏي، پيٽرول ڪيترو مهانگو ٿيندو؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوام کي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي صورت ۾ عيد جو تحفو ملي رهيو آهي، اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان سمري پيٽروليم وزارت کي موڪلي وئي آهي.
ذريعن موجب پهرين اپريل کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جو امڪان آهي، اوگرا طرفان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جي سمري موڪلي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 10 کان 11 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ ٻه رپيا في ليٽر تائين لاٿ جو امڪان آهي، ان حوالي سان اوگرا ورڪنگ مڪمل ڪري ورتي آهي.
ذريعن موجب اوگرا ورڪنگ جي لحاظ سان اگهن ۾ واڌ جو سبب درآمدي پريميم ۽ عالمي اگهن ۾ واڌ آهي، پيٽرول جي درآمدي قيمت ۾ تقريبن 4 ڊالر في بيرل واڌ ٿي آهي، پيٽرول جي درآمد تي پريميم 13.5 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو، ان کان اڳ اهو پريميم 12.15 ڊالر في بيرل هو، ڊالر ۽ رپئي جي مٽاسٽا جي حساب سان پيٽرول ۾ 10 کان 11 رپيا في ليٽر واڌ ٺهي ٿي.
ذريعن موجب پيٽرول جي موجوده قيمت تقريبن 280 رپيا في ليٽر آهي، جيڪا امڪاني واڌ کانپوءِ 290 رپيا ٿي وئي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ ڊالر جا اگهه گهٽيا آهن، پي ايس او جو درآمدي پريميم 6.50 ڊالر في بيرل تي برقرار رهيو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 1.30 کان 2.50 رپيا في ليٽر تائين لاٿ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.
گذريل 15 ڏينهن ۾ پيٽرول جي قيمت تقريبن 4 ڊالر في بيرل وڌي 94.5 ڊالر تي پهتي وئي، ڊيزل جي قيمت تقريبن 60 سينٽ في بيرل گهٽ ٿي 98.4 ڊالر تي پهچي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.