سنڌ ۾ پاڻي کوٽ کانپوءِ ڏڪار واري صورتحال، بيمارين جو خدشو

سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ناهي ملي رهيو ۽ سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي ناهي ڇڏيو ويو، ان جي ڪري درياهه جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي.

زهريلو واپرائڻ جي صورت ۾ وڏي انساني الميي جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.

حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽي ۽ سجاول سميت لاڙ جي ٻين شهرن ۾ آبادي خطري ۾ آهي.

لاڙ جي زمين تي جر به خراب آهي جنهن کي پيئڻ جي لائق ناهي سمجهيو ويندو.

هن وقت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ واري اڏامي رهي آهي جڏهن ته ٽرالرن زريعي مٽي کڻائي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.