نادرا ڊيٽا ليڪ ٿيڻ کانپوءِ اثر اچڻ شروع ٿي ويا؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ڏينهن اڳ کان اهي خبرون هيون پاڪستان جي اعليٰ عملدارن سميت لکين پاڪستانين جي نادرا ڊيٽا ليڪ ٿي وئي آهي جن ۾ بائيوميٽرڪ ڊيٽا به شامل ٿي سگهي ٿي.

ڊيٽا ليڪ ٿيڻ کانپوءِ عام طور تي ڊارڪ ويب تي وڪرو ڪئي ويندي آهي، اهو خدشو هوندو آهي ته ڏوهاري قسم جا ماڻهو ڊيٽا کي بليڪ ميلنگ بينڪ اڪائونٽ هيڪنگ، سم رجسٽريشن سميت ٻين غيرقانوني مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا.

مبينا طور تي ان جا اثر سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيٽا ليڪ جي معاملي کانپوءِ مختلف واهپيدارن کي فون ڪالز اچي رهيون آهن جن کي اهو ٻڌايو پيو وڃي ته هو اسٽيٽ بينڪ طرفان ڳالهائي رهيا آهن ۽ کين ويريفڪيشن ڪرڻي آهي، فون ڪال تي اهي ماڻهو کانئن رڳو ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته سندن بينڪ اڪائونٽ ڪهڙي بينڪ ۾ آهي ۽ سندن ڪارڊ جا آخري چار نمبرز ڪهڙا آهن. ممڪن آهي ته وٽن ٻي ڊيٽا موجود هجي جنهن جو سهارو وٺندي هو بينڪ اڪائونٽ خالي ڪري سگهن.

اهڙيون ڪالز پرڏيهي نمبرز تان اچي رهيون آهن پر ڪالر اردو ۾ ڳالهائي رهيو آهي. گهڻي ڀاڱي عورتن کي ان جو شڪار بڻايو پيو وڃي جيڪي اڻ ڄاڻائي پنهنجي ڄاڻ ٺڳن کي ڏئي سگهن ٿيون.

ان حوالي سان سڀني کي خبردار رهڻ گهرجي ۽ اسٽيٽ بينڪ به ڪيترائي ڀيرا بيان جاري ڪري چڪو آهي هو ڪڏهن به واهپيدارن کي ويريفڪيشن لاءِ ڪالز ناهن ڪندا.

جيڪڏهن اوهان کي به اڻڄاڻ نمبرن تان ڪنهن به قسم جي ڊيٽا بابت پڇا ڪئي وڃي ته اها ڪال بند ڪري نمبر کي بلاڪ ڪري ڇڏڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.