خط تي انڪوائري، تصدق جيلاني کي ڪميشن سربراهه مقرر ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ بار جو اهم بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بار ججن جي خط تي جاچ لاءِ حڪومت طرفان جوڙيل انڪوائري ڪميشن جي سربراهي جسٽس (ر) تصدق جيلاني کي ڏيڻ تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.
سپريم ڪورٽ بار جي صدر شهزاد شوڪت هڪ پڌرائيءَ ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ بار تصدق حسين جيلاني کي ڪميشن سربراهه مقرر ڪرڻ کي سٺو سنئوڻ قرار ڏئي ٿي، سندس شخصيت تي ڪو به اعتراض نه ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته بار جو ڪو به عهديدار انفرادي تي تصدق جيلاني جيلاني جي حوالي سان ڪو بيان ڏئي ته ان کي سپريم ڪورٽ بار سان نه جوڙيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.