ڪراچي ۾ لغڙ اڏائڻ ۽ کپائڻ تي پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لغڙ جي ڏور سان پيش ايندڙ واقعن کي ڏسندي ڪراچي ۾ لغڙ اڏائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ڪراچي جي ڪمشنر موجب قلم 144 تحت شهر ۾ لغڙ اڏائڻ ۽ وڪرو ڪرڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ڪمشنر جي آفيس مان جاري ٿيل حڪم نامي موجب لغڙ اڏائڻ تي پابندي 30 مارچ کان 29 مئي تائين برقرار رهندي.
ڪراچي انتظاميا لغڙ جي ڏور سان پيش آيل واقعن ۽ نقصانن کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.