پهرين هينڊ ميڊ اينيميٽڊ فلم هلندڙ سال ريليز ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پهرين ”هينڊ ميڊ ايني ميٽڊ فلم ”دي گلاس ورڪر“ هلندڙ سال سينيما گهرن ۾ ريليز ٿيڻ لاءِ تيار آهي.

عثمان رياض اها فلم ڊائريڪٽ ڪئي آهي جنهن جو ٽريلر هو اڳ ئي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري چڪو آهي.

دي گلاس ورڪر، ٻنهي ٻولين اردو ۽ انگريزي ۾ هوندي جڏهن ته فلم جي ڊائرڪٽر هن فلم کي پاڪستاني سينيما جي تاريخ ۾ ڪاميابي قرار ڏنو آهي ۽ هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ اهڙي معيار جي هينڊ ميڊ اينيميٽڊ فلم ڪڏهن به تيار ناهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.