پيتيءَ مان ٻارن جا لاش ملڻ جو واقعو، شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ اچي وئي

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ پيتيءَ مان ٽن ٻارن جا لاش ملڻ جي واقعي جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪئي وئي.
ٻارن جي لاشن جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچي وئي، جنهن ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته ٽنهي ٻارن جو موت صندوق ۾ ساهه منجهڻ سبب ٿيو، جڏهن ته هڪ ٻار جي جسم تي تشدد جا نشان به هئا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ساهه منجهڻ سان ٻارن جي وات مان رت به نڪتو پر شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻارن سان زيادتي جو شڪ ظاهر ناهي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ ٽن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.