وفاقي حڪومت اٽو برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت برآمد ڪندڙن کي اٽو برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت برآمد ڪندڙن کي اٽو برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ان حوالي سان واپار واري وزارت طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب رڳو درآمدي ڪڻڪ سان تيار اٽو برآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته رڳو برآمد مقصدن لاءِ درآمدي ڪڻڪ سان تيار ڪيل اٽو ئي برآمد ٿي سگهندو.
حڪومت ايڪسپورٽ پاليسي آرڊر 2022 ۾ ترميم ڪندي اٽو برآمد ڪرڻ جي اجازت ايڪسپورٽ سهولت اسڪيم 2021 تحت ڏني آهي.
ان حوالي سان حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، ڪڻڪ جي اپت مقرر هدف کان 1.8 سيڪڙو وڌيڪ ٿي آهي ۽ هلندڙ سال ڪڻڪ جو پيداواري هدف 32.1 ملين ٽن به حاصل ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ نگران حڪومت سرڪاري سطح تي ڪڻڪ درآمد روڪڻ جو فيصلو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.