ايڪواڊور ۾ ننڍي عمر جي ميئر ۽ حڪومتي صلاحڪار جو ٻٽو قتل

ڪيوٽو (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آمريڪي ملڪ ايڪواڊور ۾ ننڍي عمر جي ميئر ۽ حڪومتي صلاحڪار کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
اختيارين ۽ پوليس الزام هنيو آهي ته ان ٻٽي قتل پويان منشيات سمگلنگ ڪندڙن جو ڪردار آهي، جيڪي ملڪ ۾ تشدد کي هٿي ڏيڻ جو سبب به بڻجي چڪا آهن.
27 ورهين جي برگيٽي گارشيا ۽ سندس صلاحڪار جا آچر جي صبح سندن گاڏي مان لاش هٿ آيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جا لاش منابي صوبي مان مليا آهن.
واضح رهي ته گارشيا اڳوڻي صدر رافيل ڪوريا جي شهري انقلاب پارٽي سان سلهاڙيل هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.