ايڇ آر سي پي جو سنڌ حڪومت کان هدايت لوهار قتل جي شفاف جاچ جو مطالبو

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڪميشن (ايڇ آر سي پي) سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سياسي ڪارڪن هدايت الله لوهار جي قتل جي شفاف ۽ آزاداڻي جاچ ڪنهن به ٻاهرئين دباءَ بنا يقيني بڻائي وڃي.
ايڇ آر سي پي چيو آهي ته قتل خلاف ڌرڻو هڻڻ تي حراست ۾ ورتل ماڻهن، جن ۾ هدايت الله جا ٻه پٽ به شامل آهن، کي غير مشروط طور آزاد ڪيو وڃي ۽ کين پرامن اجتماع جي آزادي جو حق استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.
هدايت الله لوهار کي 16 فيبروري 2024 ۾ نصيرآباد ۾ موٽر سائيڪل تي سوار حملي آورن گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، ايڇ آر سي پي جي اڄ جاري ٿيندڙ فيڪٽ فائندنگ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ظاهري طور اهو قتل هدايت الله جي قوم پرست سرگرمين سان جڙيل ٽارگيٽ ڪلنگ جو واقعو هو، جنهن سبب کيس ٻيهر جبري طور گم ڪيو ويو هو، ڪميشن جو خيال آهي ته ان قتل جو ظاهري طور ڪو ٻيو ڪارڻ نظر نه پيو اچي.
مشن هدايت الله لوهار جي گهر ڀاتين جي شاهدين ۽ واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج باوجود ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ پوليس طرفان شروعاتي طور لنوائڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو پر عدالت قتل جي تقريبن ٻن هفتن کانپوءِ واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ان کي ڏسندي جبري گمشدگين خلاف آواز اٿاريندڙ ڪارڪنن جي حياتين کي خطرا آهن.
ايڇ آر سي پي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت کي هدايت الله لوهار جي خاندان کي معاضو ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي، قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي، ڀلي انهن جا طاقتور ڌرين سان ڪنهن به قسم جا امڪاني رابطا ڇو نه هجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.