ماسڪو حملي کانپوءِ فرانس دهشتگردي الرٽ اعليٰ سطح تائين وڌائي ڇڏيو

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانس ماسڪو حملي کانپوءِ ملڪ ۾ دهشتگردي الرٽ اعليٰ سطح تائين وڌائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب فرانسيسي صدر، وزيراعظم، سينيئر سيڪيورٽي ۽ دفاعي اختيارين جي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو.
فرانسيسي وزيراعظم گيبريل اٽل چيو ته داعش طرفان ذميواري قبولڻ ۽ ملڪ کي پيش خطرن سبب دهشتگردي الرٽ اعليٰ سطح تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ٽرين اسٽيشنز، هوائي اڏن ۽ مذهبي هنڌن تي غير معمولي حفاظتي قدم کنيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.