قومي بچت اسڪيمن جي منافعي جي شرح ۾ تبديلي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل سيونگ سرٽيفڪيٽ جي منافعي جي شرح ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي.

ڊفينس سرٽيفڪيٽ تي منافعي جي شرح 13.76 مان گهٽ ڪري 13.57 ڪئي وئي.

پينشنرز ۽ ڀلائي سرٽيفڪيٽ جي منافعي جي شرح 15.60 مان گهٽائي 15.36 سيڪڙو، ريگيولر انڪم سرٽيفڪيٽ تي 14.76 مان گهٽ ڪري 14.64 منافعي جي شرح ڪئي وئي.

اسپيشل سيونگز سرٽيفڪيٽ تي سراسري منافعو 15.93 مان گهٽ ڪري 15.85 سيڪڙو ڪيو ويو.

سيونگ سرٽيفڪيٽ جو منافعو 20.50 سيڪڙو تي برقرار رهندو. هڪ سالا سرواٽرم اڪائونٽ جو منافعو 18.54 سيڪڙو مان وڌائي 19.10 سيڪڙو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.