تعليمي دٻاءَ کان پريشان شاگردياڻي ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

مظفر ڳڙهه (ويب ڊيسڪ) مظفر ڳڙهه جي تعلقي علي پور ۾ 17 ورهين جي شاگردياڻي ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، جتي ڊيوٽي تي موجود اهلڪارن کيس بچائي ورتو.
مظفر ڳڙهه جي تعلقي علي پور ۾ شاگردياڻي عباسيه ڪئنال ۾ ٽپو ڏنو، هيڊ پنجند تي ڊيوٽي تي مقرر ٻه پوليس اهلڪارن به شاگردياڻي کي ڏسي ڍنڍ ۾ ٽپو ڏنو ۽ کيس بچائي ورتو.
پوءِ پوليس ناري کي والدين حوالي ڪري ڇڏيو.
پوليس کي ڏنل بيان ۾ انٽرميڊئيٽ جي شاگردياڻي چيو ته تعليمي دٻاءَ سبب پريشاني جو شڪار هيس، جنهن سبب آپگهات جي ڪوشش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.