گئس اگهن ۾ واڌ بابت اوگرا چيئرمين جو اهم بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اوگرا چيئرمين مسرور احمد خان چيو آهي ته گئس اگهن بابت جيڪو به فيصلو ٿيو پهرين جولاءِ تي ٿيندو، اوگرا سدائين ميرٽ تي فيصلو ڪندي آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي مسرور احمد چيو ضروري ناهي ته اگهن ۾ ايتري ئي واڌ ٿئي، جيترا ميڊيا تي نمبر اچي رهيا آهن.
هن چيو ته ملڪ ۾ سالياني بنيادن تي گئس گهٽجي رهي آهي، 4 سال اڳ اڍائي کان 3 هزار ٽن روزا يل پي جي استعمال ٿي رهي هئي، اڄ 5 هزار ٽن ايل پي جي روز استعمال ٿي رهي آهي، لڳي ٿو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ انگ اکر 15 هزار ٽن تائين پهچي ويندا.
سندس چوڻ هو جڏهن گئس گهٽجي رهي آهي ته هڪ آپشن ايل پي جي آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته بجلي ۽ گئس جو استعمال احتياط سان ڪجي.
اوگرا چيو ته اداري جو فيصلو ميرٽ تي هوندو آهي، پٽيشن اچڻ تي ڏٺو ويندو آهي ته ڪيتري مد ۾ ڪيتري رقم گهربل آهي، ڏٺو وڃي ته اوور آل گئس جا ايترا اگهه ناهن وڌيا، پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن تي مختلف ريٽ اپلاءِ ٿيندو آهي.
هن چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرن جا اعتراض ۽ پٽيشن ٻڌي ورتي، پهرين جولاءِ کان موجوده ٻڌڻي جي فيصلي تي عملدرآمد ٿيندو، ريٽ منظور ٿيندا يا نه فيصلو ڪيس جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.