لاڙڪاڻي پوليس جي مقابلن ۾ ٻه جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ پوليس مقابلن دوران ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد بهارپور واري علائقي ۾ گشت دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ ڏوهاري مولابخش ڏيٿو زخمي ٿي پيو، جنهن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته رتوديرو ٿاڻي جي حد طيب لاڙي وٽ مقابلي دوران جوابدار راشد گهوٽو کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار مختلف ڪيسن ۾ گهربل آهن، جن خلاف وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.